اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته توانائي جي مقامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، اسان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان سستي بجلي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول جي پهچ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلو?? واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت موجب پاڪستان ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇائي ٿر جو مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود بجلي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي مجموعي لاڳت 58 ار?? رپيا آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جو اڌواڌ ??صو آهي. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترق?? واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي طلب جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ريلوي ۽ هواباز?? وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر جه??نز??ب خان، ڊي جي ايف ڊبليو او، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻ?? واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، توانائ?? واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترق?? واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هواباز?? واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين ڊاڪٽر جه??نز??ب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي توانائ?? واري وزير امتياز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.