مٺي – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقع?? تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا، سماجي ??لائي واري کاتي، تعليم واري کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ساره جاويد جي قيادت ۾ ريلي ڪشمير چوڪ مٺي کان شروع ٿي پريس ڪ??ب مٺي تائين پڄاڻ?? تي پهتي. ان موقع?? تي مٺي جي مختلف اسڪولن، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مٺي، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نارٿ ڪالوني، گورنمينٽ امر جڳديش بوائز هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني ۽ ٻين اسڪولن به ڪاري ڏينهن تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ريليون ڪڍيون. ريلين ۾ شريڪ شاگردن ۽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن هٿن ۾ بينر، جهنڊا ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا، جن تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير زندهه آباد جا نعرا لکيل هئا.