شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏس?? ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪيو ويندو. اهڙن خيال جو اظهار هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جي ساڻس ملاقات موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪوپ – 27 سر??راهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪنداسين، آءِ ايم ايف جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏس??ن ٿا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ بحالي ??ي لاءِ بجيٽ ڪاٿن ۾ تبديلي ??ندي وئي آهي، ڪورونا ۽ عالمي ٻاڙائي کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال جا پاڪستان جي معاشي بحالي ??ي رفتار تي منفي اثر پيا آهن، عوام جي ج??ن بچائڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ??ولين ترجيح آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪوپ 27 ڪانفرنس موسمياتي انصاف ڏيارڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي.