اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي س??ن موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بلوچستان جي اتر اولهه علائقن ۾ اولهندي س??د هوائن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪري 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقي ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران ج??ري تفصيل موجب ان موسمي نظام جي اث?? هيٺ 27 کان 29 ڊسمبر دوران بلوچستان ج?? اڪثر علائقا خاص طور تي ڪوئيٽا، زوب، بارک??ن، زيارت، نوڪنڊي، دالبندين، هراني، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، گوادر، جيواني، تربت، پنجگور، قلات، خضدار، سبي، نصيرآباد ۽ لسٻيلا ۾ برسات سان گڏ پهاڙن تي برفباري متوقع آهي. وڌيڪ اهو ته 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات جو ڪشمير، گلگت ۾ پڻ هلڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. بلتست??ن، چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهست??ن، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، مرد??ن، پشاور، چارسده، باجوڙ، ڪرم، وزيرست??ن، ڪوهاٽ، سرگوڌا، اسلام آباد، مري، گليات ۽ پوٺوهار ريجن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. انهي دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڊيره غازي خ??ن، راجن پور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، شيخوپوره، فيصل آباد، مل????ن، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ بکر ۾ برساتن جو امڪان آهي.