اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس واضح ڪي?? آهي ته افغانستان بابت پرڏيهي وزارت ۾ هڪ مڪمل ڊويزن قائم آهي جنهن جي سربراهي افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت ايڊيشنل سيڪريٽري س??د احسن رضا شاهه ڪري رهي?? آهي. پرڏيهي آفيس گذريل ڏينهن جي پريس ب??يف??گ جي حوالي سان چي?? آهي ته افغانستان بابت ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم ڊويزن پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ جذبي سان ادا ڪري رهي آهي ۽ اها اڳتي به پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ب??يف??گ دوران سوال ڪيو ويو هو ته گذريل هفتي وزيراعظم جي خاص معاون محمد صادق جي عهدي تان مستعيفي ٿيڻ کانپوءِ ان جي غيرموجودگي ۾ افغانستان جي معاملن کي پاڪستان ۾ اعليٰ سطح تي ڪير ڏسي رهي?? آهي.