اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن کي سخت محنت ڪرڻ جي ت??قين ڪندي چيو آهي ت?? اها زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ لازمي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان ??در ۾ يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ افطار آجياڻي کي خطاب ڪندي انهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي اندر همدرديءَ، محبت سان گڏوگڏ وڏن جو احترام ڪرڻ جون خصوصيتون پيدا ڪن. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ يتيم ٻارن سان ??هتر سلوڪ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته سخت محنت عملي زندگي ۾ ترقي جون نيون راهون کوليندي. حضور ﷺ جي زندگي سان مماثلت بيان ڪندي صدر چيو ته حضور ﷺ به ٻاروتڻ ۾ پنهنجي ??الد کي وڃائي ڇڏيو هو. هن هڪ قرآني آيت جو پڻ حوالو ??نو جنهن ۾ ٻاروتڻ ۾ رسول ڪريم ﷺ جي ??تيمي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ت?? ڇا هن توهان کي يتيم سمجهي پناهه ناهي ڏني. ان موقعي ت?? صدر ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کي ٻڌايو ته ايوان ??در اصل ۾ انهن جو آهي. ان کان ??ڳ پاڪستان ??رفنز ڪيئر فورم جي چيئرمين عبدالشڪور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 15 رمضان ??لمبارڪ کي يتيمن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته 18 جي ??ڳ ڀڳ فلاحي ت??ظيمون سڄي پاڪستان ۾ 40 لک کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري رهيون آهن. هن يتيم ٻارن کي پرورش ۾ معاونت جي ??اءِ حڪومتي ۽ قومي سطح تي ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو ۽ انهن کي پنهنجي زندگين ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ??اءِ وڌ کان وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.