اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هر سال 10 اپريل تي قومي دستور ڏهاڙو ملهايو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪ??ل ٿيڻ تي منعقد قومي آئين ڪنوينشن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پيش ڪيل قرارداد منظور ڪئ?? وئي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ملڪ جي لاءِ آئين جي اهميت، شهرين جي حق??، رياستي ادارن جي فرضن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ آهي.