راولپنڊي – 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج شهيدن جي سمورن ٻارڙن جي وارث آهي، شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪري ??وهان سان اسان جو رشتو مثالي ۽ هميشه قائم رهندڙ آهي. هو يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي موقعي تي ??سڪول جي ٻارڙن سان غير رسمي ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي موقعي تي ??رمي چيف اسڪولي ٻارڙن جن ۾ شهيدن جا ٻار به شامل هئا، سان ملاقات ڪئي. اسڪول ۽ شهيدن جي ٻارن جي تي ??فقت ڀريو هٿ رکندي آرمي چيف پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج شهيدن جي سمورن ٻارڙن جي وارث آهي. آرمي چيف ٻارڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪري ??وهان سان اسان جو رشتو مثالي ۽ هميشه قائم رهندڙ آهي، پاڪ فوج هميشه اوهان سان گڏ بيٺل رهندي.