اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر واپار ۽ س??ڙپڪاري تي ڌي??ن ڏيندي ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ??ائ??اڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ قطر جي سفير جي ڪردار کي ساراهيو. وزيرا??ظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد جي تازي دوري کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ قطر جي دلچسپي جو اظهار قرار ڏنو. وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ غذائي تحفظ، توانائي، آءِ ٽي، کاڻ کوٽائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو. وزيرا??ظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ??ائ?? ملڪ واپار ۽ س??ڙپڪاري تي ڌي??ن ڏيندي ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيرا??ظم قطر جي سفير کي سندس مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير مهمان نوازي ۽ گرمجوشي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪستان ۾ سندس مُدي کي حقيقت ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو. قطر جي سفير 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني پاڪستان مان روانو ٿي ويندو.