اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پيرس ۾ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??ن ڏينهن جي دوري تي فرانس ۾ آهي. هو عالمي مالياتي اداري ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ ۽ قرض بابت حل جي لاءِ ??اڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم ڏکڻ آفريقا جي صدر ماتا ميلا سيرل رام?? فوسا، چين جي وزيراعظم لي يانگ ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊير لي يين سميت شريڪ اڳواڻن سان ??ڻ مل??قا??ون ڪندو.