اسلام آباد – 14 – جولاءِ (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گل??ت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي ??اتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي ??در افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ افضل بٽ جي والده مرحومه جي ??يصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي ج??هن جو ڪو نعم البدل نه آهي، افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي افسوس آهي، افضل بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ ا??هن کي ڊگهي زندگي ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي ??دمت ڪرڻ جي ??وفيق عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان جي کوٽ سڄي زندگي رهي ٿي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افضل بٽ صاحب جي والده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي مرحومه جي ??يصال ثواب، درجن جي ??لندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي ??عا ڪئي.