اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايٿوپيا سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ سميت ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي وچ ۾ رابطن کي آسان بڻائڻ ۽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ ايٿوپيا جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مفادن ۽ عالمي فورمز تي گڏيل حمايت تي ٻڌل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايٿوپيا ۾ پاڪ??تا?? جي نامزد سفير ميان عاطف شريف سان ملاقات دوران ڪيو. هن سفير تي زور ڏنو ته هو پاڪ??تا??ي مصنوعات جي درآمد جي لاءِ ايٿوپيا جي واپارين تائين پهچ ڪري ايٿوپيا سان واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ا??ٿوپيا سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪ??تا?? ۽ ايٿوپيا جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ رابطن کي آسان ۽ بهتر بڻايو وڃي. نامزد سفير پاڪ??تا??ي مصنوعات جي برآمدات، ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ايٿوپيا سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي به زور ڏنو ۽ چيو ته ا??ٿوپيا جا شاگرد پنهنجي مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي، علامه ا??بال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين/ وڊيو تعليمي مواد مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر چيو ته پاڪ??تا?? ۾ ايٿوپيا جا نوجوان سفارتڪارن جي تربيت، بئنڪنگ ڪورسز سان ايٿوپيا سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي تدارڪ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نامزد سفير ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين، ظلمن کي اجاگر ڪندو. صدر چيو ته نامزد سفير ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي به اجاگر ڪندو.