ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي ت?? سنڌ ۾ جاري وفاقي حڪومت جي ترقياتي من??وبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خر?? دستگير خان ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پڻ موجود هئا.