اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) تع??يم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته وزارت تي رهندي ڪوشش هوندي ته ملڪ جي عوام جي خدمت ڪريان، نگران وفاقي وزير مقرر ٿ??ڻ وڏو اعزاز آهي. اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي تع??يم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسلام آباد جي سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته نگران وفاقي وزير ٿ??ڻ سندس لاءِ ??ڪ وڏو اعزاز آهي ۽ سندس اها ڪوشش هوندي ته ه?? ان منصب سان انصاف ڪندي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري. هن چيو ته کيس وفاقي وزير ٿ??ڻ سان سول سوسائٽي جيڪا محبت ۽ پيار ڏنو آهي، اهو ڪڏهن وساري نٿ?? سگهجي. ان موقعي تي نور هاليپوٽو، عرفان انصاري، سيد فياض شاهه، اشفاق چانڊيو، نصير ميمڻ، قاضي فيض ۽ ٻين نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي نگران وفاقي وزير مقرر ٿ??ڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون.