ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام آمدني واپار جي بار کي گ??ٽ ڪرڻ لاءِ غير ملڪي شين بدران مقام?? مصنوعات جي ا??تع??ال کي هٿي ڏي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ميڊ ان پاڪستان موومينٽ ۽ ميڊ ان پاڪستان ڪانفرنس ۽ سڃاڻپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسان مقام?? مصنوعات کي هٿي وٺرائي سگهون ٿا، واپاري برادري برانڊ پاڪستان لاءِ سخت محنت ڪري، هن پاڪستان?? مصنوعات جي ٽريڪ رڪارڊ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان?? مصنوعات ع??لم?? سطح تي پذيرائي حاصل ڪئي آهي، ع??لم?? سطح تي ميڊ ان پاڪستان مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، هن واپاري اڳواڻن ۽ ملڪ جي نوجوانن کي چيو ته هو سماجي مسئلن کي صحيح ڪرڻ ۽ مقام?? مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته اميرن کي گهرجي ته هو ضرورتمندن جي مدد ڪن، تقريب ۾ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ميڊ ان پاڪستان تحريڪ جو باني رضوان جعفر پڻ شامل هو.