اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، خساري جي ذ??يواري جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي تهجيئن ان جي ??دا??ڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگر??ن وفاقي وزير فواد حسن فواد، نگر??ن وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي مالي صورتحال ۽ نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. نگر??ن وزيراعظم پي آءِ اي جي معاملن تي فيصلاسازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. نگر??ن وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي ايئرلائين جي نجڪاري جي عمل کي شفاف ۽ تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام جي ٽيڪسن سان انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي، پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته هوابازي شعبي جي سڌارن سان عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگهبيون. خساري جي ذ??يوارن جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي ??دا??ڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. نگر??ن وزيراعظم چيو ته نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.