ڪراچي – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ج?? تازي رجحان ۽ اڳڀرائي سان هم آهنگ رهڻ لاءِ تيز تر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون تعليم ۽ تربيت جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائين، يونيورسٽيون خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اع??يٰ معيار ۽ هنرمند گريجوئيٽس تيار ڪن، يونيورسٽيون آن لائين ۽ هائبرڊ جي ذريعي تعليم جي مدد سان وڌيڪ انگ ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پا??ستان کي پنهنجي انساني وسيلن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو پا??ستان ايئر فورس ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جي سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ستان کي 22 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ، اع??يٰ تعليمي ادارن ۾ داخلائن جي شرح کي بهتر بڻائڻو پوندو. پا??ستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو شاگرد ايف ايس سي کانپوءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا. پا??ستان ۾ هر سال آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ رڳو 35 هزار گريجوئيٽس پيدا ڪري ٿو، رڳو 35 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ناڪافي آهن. هن چيو ته پا??ستان کي باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ گريجوئيٽس جي انگ ۾ بهتري آڻڻ گهرجي. يونيورسٽيون پنهنجي فزيڪل انفراسٽرڪچر کي موثر طريقي سان استعمال ڪن. وڌيڪ شفٽون متعارف ڪرائين. يونيورسٽين ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جي 52 سيڪڙو سائبر سيڪيورٽي ماهرن وٽ ڪا ڊگري نه آ??ي. ??ن لائين تعليم جي ذريعي پا?? کي هنر سان آراسته ڪريو. هن چيو ته پا??ستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي مهارتن جي واڌويجهه جي لاءِ هڪ آن لائين پروگرام ڊيجي اسڪلز متعارف ڪرايو. ڊيجي اسڪلز پروگرام سان هيستائين 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 70 هزار شاگرد ايف ايس سي جو امتحان پاس ڪن ٿا، سيٽن جي گهٽتائي ۽ محدود وسيلن جي ڪري رڳو 8 هزار شاگرد ئي اع??يٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺي سگهندا آهن.