اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سوئٽزرلينڊ جي دوري تا?? واپسي تي ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي حو??لي سان حتمي فيصلو ڪندو، نواز شريف کي طبي بنيادن تي ڏنل ضمانت جي 4 هفتن ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن، آصف علي زرداري خلاف 11 ريفرنسز ۽ 14 انڪوائريون هلي رهيون ??هن اڃان ته 40 سالن جو حساب وٺڻو آهي، طبي بنيادن تي ضمانت جو مطلب ڪيسن مان بريت ناهي ٿي، احتساب ڪندڙ ادارو زنده ۽ ڪرپٽ ماڻهن جا مفاد مرڻ شروع ٿي ويا آهن،. هُوءَ انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ سسٽين ايبل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) جي سهڪار سان جوڙيل پاڪستان انفارميشن ڪم??شن جي ويب سائيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.