اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو ??هي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 82 لک ماڻهن ۾ هيستائين 101 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم پروگرام تحت امداد جا تفصيل ??اري ڪندي چيو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام مان هيستائين فائدو کڻندڙن جو انگ 82 لک 98 هزار 671 ??هي ۽ انهن ۾ 101 ارب 6 ڪروڙ 22 لک رپيا ورهايا ويا آهن.