اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ او??اڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مشڪل حالتن جي باوجود حڪومت ڪو نئون ٽيڪس ??ه لڳائڻ جو في??لو ڪيو آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو، ڪاروباري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائينز تي ڊيوٽي کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، 166 ٽيرف لائينز تي ريگيوليٽري ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، ا??پو??ٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، تعميرات جي شعبي جي لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ڪيو ويو آهي.