اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ بلدياتي ادارن جي مضبوطي ضروري آهي، بلدياتي ادارا عوام کي بنيادي سهولتن ۽ فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا. ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو ٻهراڙي جي علائقن ۾ ره??دڙ آهي ان لاءِ ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ٻهراڙي جي علائقن جي ترقي لاءِ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وز??ر جي بلدياتي ۽ ٻهراڙي جي تر??ي بابت خاص مددگار ڪامران خان بنگش سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.