وزيراعظم پاران ناليواري گلوڪاره بلقيس خانم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

image

اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري گلوڪاره بلقيس خانم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گلوڪاري جي فن ۾ بلقيس خانم پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪيو، بلقيس خانم جو لاڏاڻو گلوڪاري جي دنيا جو وڏو نقصان آهي، بلقيس خانم جي موسيقي ۾ خدمتن کي وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم مرحومه جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي.

مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں