ضياءَ محي الدين جي شخصيت ڪمال خصوصيتون رکندڙ هئي: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ضياءَ محي الدين جي شخصيت ڪمال خصوصيتون رکندڙ هئي، هن ٿيٽر، براڊ ڪاسٽنگ ۽ فن تقرير ۾ پنهنجي بي مثال مهارت ۽ آواز جي جادو سان اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين ماڻهن کي محسور ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين جي شخصيت ڪمال خصوصيتون رکندڙ هئي. ٿيٽر، براڊ ڪاسٽنگ ۽ فن تقرير ۾ پنهنجي بي مثال مهارت ۽ آواز جي جادو سان هن اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين ماڻهن کي محسور ڪيو. ان جي تربيت هيٺ رهندڙ سوين شاگرد ان جي ميراث کي زندهه رکندا. الله تعاليٰ ان جا درجا بلند فرمائي.

مضمون کا ماخذ : بہت کچھ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں