صدر پاران اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جون عام چونڊون 30 اپريل 2023ع (آچر) تي منعقد ڪرڻ جو اعلان

image

اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جون عام چونڊون 30 اپريل 2023ع (آچر) تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پولنگ جي تاريخ 30 اپريل کان 7 مئي 2023ع جي وچ ۾ تجويز ڪئي هئي ۽ وڌيڪ تجويز ڏني هئي ته چونڊون ترجيحي طور تي آچر تي ڪرايون وڃن.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں