بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري شجاع عالم خان جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري شجاع عالم خان جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ قيادت سميت سڄي پارٽي اوهان سان گڏ آهي. هن مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں