اسڪول وڃڻ جي عمر جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهو انگ ڳڻتي جوڳو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول وڃڻ جي عمر جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهو انگ ڳڻتي جوڳو آهي جنهن جي داخلا لاءِ تخليقي حل سوچڻ جي ضرورت آهي، انهن ٻارن کي تعليم ڏيڻ واقعي هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي رڳو روايتي طريقن سان حل نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي لاءِ ڊيجيٽل ۽ آن لائين سکڻ جي طريقن جي استعمال کي فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار يونيسيف پاران پاڪستان ۾ کنيل قدمن بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. يونيسيف جي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو عبدالله عبدالعزيز فاضل اجلاس کي پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ يونيسيف جي ڪردار ۽ ڪاميابين بابت ٻڌايو. ايوان صدر ۾ منعقد بريفنگ اجلاس ۾ چيف پوليو يونيسيف هامش ينگ، چيف ايجوڪيشن ايلن وان ڪالمٿائوٽ، چيف واش هيلي گاشا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. يونيسيف جي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو اجلاس کي ٻوڏ سان ٻارن تي پوندڙ اثرن ۽ يونيسيف پاران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي ٻارن جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ امداد بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته شديد غذائي کوٽ جي شڪار 134779 ٻارن جي علاج جي لاءِ داخلاڪ ئي وئي آهي، ان کانسواءِ 1194940 ٻارن کي خسري جي خلاف حفاظتي ٽيڪا لڳايا ويا آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يونيسيف 1232 عارضي تعليم مرڪز قائم ڪيا ۽ 180889 ٻارن کي مختلف طريقن جي ذريعي محفوظ ماحول ۾ پنهنجي تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته 1195088 ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين پهچ فراهم ڪئي وئي آهي. هن پاڪستان جي تعليم ۽ صحت جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد جي لاءِ يونيسيف جي 5 سالا پروگرام (2023 – 2027) بابت پڻ آگاه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يونيسيف دماغي صحت ۽ معذوري کي پنهنجي پروگرامن ۾ شامل ڪيو آهي. عبدالله عبدالعزيز فاضل چيو ته پاڪستان ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 40 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن ۽ جيڪڏهن ان مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي ته ان سان ملڪ جي جي ڊي پي ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي صدر چيو ته دماغي صحت، غذائيت جي کوٽ ۽ معذوري صحت جا وڏا مسئلا آهن جن تي فوري ڌيان ڏيڻ ۽ انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران فوري فيصلن جي ضرورت آهي. هن بيمارين جي بچاءُ جي رخ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو نه رڳو لاڳت جي حوالي سان موثر آهي پر بيمارين جي بار کي گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. صدر پاڪستان جي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ يونيسيف جي تعاون کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں