نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خميس ڏينهن چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ چيني ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات ڪندو

image

بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۾ اڄ خميس ڏينهن چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ چيني ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم جي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي عالمي ڊپارٽمينٽ واري وزير سان ملاقات ٿيندي. نگران وزيراعظم جي اڄ چين جي صدر شي جن پنگ سان به ملاقات ٿيندي. بعد ۾ نگران وزيراعظم ارومچي جي دوري لاءِ روانو ٿيندو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام
متعلقہ مضامین
مزید خبریں