عمران خان سياسي کيڏوڻو آهي جيڪو ضرورت جي وقت پنهنجو رند تبديل ڪندو رهندو آهي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سياسي کيڏوڻو آهي جيڪو ضرورت جي وقت پنهنجو رند تبديل ڪندو رهندو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ هن چيو ته سياسي کيڏڻو بند ڪمري ۾ تاحيات ايڪسٽينشن جي آفر ڪندو هو ۽ جلسن ۾ مير جعفر، مير صادق ۽ جانور جو نعرو هڻندو هو. هن چيو ته مقصد پورو ٿي وڃڻ کانپوءِ احسان فراموش بڻجي رنگ بدلائي ڇڏي ٿو، سياسي کيڏوڻو ويس بدلائي بدلائي پنهنجي سازشي ايجنڊا تي ڪم ڪري ٿو.

مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں