سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image
APP22-221222 ISLAMABAD: December 22 - President Dr. Arif Alvi talking to the cadets of the Cadet College, Kohlu, Balochistan who came to Aiwan-e-Sadr on an educational visit. APP

اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ريڪوڊڪ ۽ ٻيا منصوبا بلوچستان جي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليمي دوري تي آيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهلو، بلوچستان جي ڪيڊٽس سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيـٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي قيادت عوام سان مضبوط سياسي لاڳاپا قائم ڪري، بلوچستان جي نوجوانن کي صوبائي ۽ قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالامال صوبو آهي، ماڻهو باصلاحيت ۽ بهادر آهن، ريڪوڊڪ سميت ٻيا منصوبا بلوچستان کي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهن ٿا، بلوچستان جي قدرتي وسيلن کي بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪري ترقي ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته پنهنجا نوازي ۽ بدعنواني جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت جو فروغ قوم جي تعمير جي لاءِ ضروري آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ، ذاتي مفادن ۽ اناءَ کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مناسب پرورش ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل مالي، سماجي ۽ اقتصاد استحڪام حاصل ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ڪنجي آهي، سموريون ڌريون پنهنجي اناءَ ۽ انتهائي رويي کي هڪ طرف رکن، عظيم تر قومي مفاد کي مٿانهون رکن. صدر چيو ته شاگرد سڄي زندگي علم هاصل ڪرڻ کي جاري رکن، پنهنجي صلاحيتن کي مسلسل نکارين، شاگرد پنهنجي اخلاقي ۽ خانداني قدرن کي برقرار رکندي صحيح ترجيحن جو تعين ڪن. صدر معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪيڊٽ ڪاليجز کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II
متعلقہ مضامین
مزید خبریں