وزيراعظم پاران گرين لائين ايڪسپريس ٽرين سروس جو افتتاح

image
APP19-270123 ISLAMABAD: January 27 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif inaugurates Greenline Express Train Service (Margalla-Karachi) at Margalla Railway Station. APP/MOS/ZID

اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد تي گرين لائين ايڪسپريس ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي ٽرين ۾ سفري سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم سان گڏ هئا. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق وزيراعظم کي ٽرين بابت بريفنگ ڏني. جديد سهولتن سان ليس گرين لائين ايڪسپريس ٽرين اسلام آباد کان ڪراچي رستي پاڪستان ريلويز مين لائين – ان پيسينجر سروس مهيا ڪندي. اها ٽرين راولپنڊي، چڪلالا، لاهور، خانيوال، بهاولپور، روهڙي، حيدرآباد ۽ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي.

مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں