خصوصي شاگردن جي تعليمي ضرورتن کي موثر انداز سان پورو ڪرڻ لاءِ نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي شاگردن جي تعليمي ضرورتن کي موثر انداز سان پورو ڪرڻ جي لاءِ نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نصاب ۾ خصوصي ماڻهن طرف معاشري جو رويو بدلائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽس جي سيڪريٽريز ۽ مختلف حڪومتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته خصوصي شاگردن جي تعليمي ضرورتن کي موثر انداز سان پورو ڪرڻ جي لاءِ نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته نصاب ۾ خصوصي ماڻهن طرف معاشري جو رويو بدلائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن کي روزاني جي زندگي ۾ منفي روين، امتيازي سلوڪ سميت مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نوڪرين جي ڪوٽا کي فوري طور تي ڀرڻ جي ضرورت آهي. صدر کي اجلاس ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ کنيل مختلف قدمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. صدر کي بريفنگ ۾ ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته تعليم واري وزارت خصوصي ماڻهن جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مئي ۾ 120 استادن تي ٻڌل تربيتي پروگرام جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪندي، سنڌ حڪومت خصوصي ماڻهن جي لاءِ جامع تعليم جي فروغ لاءِ ڊويزنل سطح تي استادن جا 6 تربيتي پروگرام مڪمل ڪيا آهن. صدر خصوصي ٻارن جي لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي استادن جي تربيتي پروگرام کي کي ساراهيو. ان موقعي تي نادرا چيئرمين خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي ماڻهن کي مفت خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، نادرا جون ٽيمون خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي لاءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رهائشگاهن جو دورو ڪري رهيون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن سروس کي لاهور ۽ ڪراچي تائين پڻ وڌايو ويندو، نادرا پنهنجي ملازمن لاءِ خصوصي ماڻهن کي بهتر طريقي سان خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 42 آگاهي سيشنز منعقد ڪيا آهن جڏهن ته خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ نادرا هيلپ لائين ۾ هڪ جدا فيچر شامل ڪيو پيو وڃي. صدر کي ٻڌايو ويو ته انساني حقن واري وزارت ۽ نيوٽيڪ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن سان اجلاس ڪيا آهن جن جو مقصد خصوصي ماڻهن جي لاءِ هنر جا سيٽ ڊيزائن ڪرڻ آهي. ان موقعي تي صدر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ هنر/ پيشن جي هڪ متحرڪ ماسٽر لسٽ پڻ تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ فائدن جي فهرست تيار ڪرڻ گهرجي. اجلاس کي صوبائي حڪومتن پاران خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ سهولتن بابت پڻ ٻڌايو ويو.

مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں