شيئر پاڪستان پورٽل قائم ڪرڻ سان عوامي ۽ اداراجاتي سفارتڪاري بهتر ٿيندي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

image

اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شيئر پاڪستان پورٽل قائم ڪرڻ سان عوامي ۽ اداراجاتي سفارتڪاري بهتر ٿيندي جنهن سان پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ٿيندو. پرڏيهي وزارت ۾ شيئر پاڪستان پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پرڏيهي وزارت جي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن، ان پورٽل جي قيام سان عوامي ۽ اداراجاتي سفارتڪاري ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته پورٽل جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص پوري دنيا آڏو اجاگر ڪيو ويندو.

مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado
متعلقہ مضامین
مزید خبریں