سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي دردناڪ واقعي سان اربين مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته هن دردناڪ واقعي سان اربين مسلمانن جي جذبن کي تڪليف پهتي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت چيو ته هر رياست کي اهڙي اسلامو فوبيا تي ٻڌل ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو هڪٻئي جي مذهبي عقيدن ۽ قدرن طرفان رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انسانيت کي دنيا کي امن لاءِ متحد ڪرڻ ۽ اهڙي بي تڪي نفرت انگيز ڪارروائين کان اڳتي نڪرڻ جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں