سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج جون امدادي ڪارروايون جاري آهن

image

روالپنڊي-13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج جي امدادي ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق سامونڊي طوفان سبب متاثر علائقن طرف فوجي دستا روانا ڪيا ويا آهن. ملير ڪينٽ مان وڌيڪ فوجي دستا سامونڊي علائقن طرف روانا ڪيا ويا آهن. امدادي دستا پي ڊي ايم اي جي سپورٽ ۾ ڪياماڙي ۽ ڪراچي جي وچ، غربي ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ مقرر ڪيا ويندا. پاڪ فوج طرفان ڪياماڙي ۽ ڪراچي جي وچ، غربي ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ رليف ڪيمپ به قائم ڪيا ويا آهن.

مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں