اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران پيمرا (ترميمي) بل 2023ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

image

اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا (ترميمي) بل 2023ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو. بل جي مُنڍ سميت 9 سيڪشنز ۾ ترميمون جڏهن ته 5 نئين سيڪشنز جو اضافو ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پيمرا (ترميمي) بل 2023ع پيش ڪيو. بل موجب پيمرا قانون جي 22، 6، 8، 11، 13، 24، 26، 27، 29 سيڪشنز ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن جڏهن ته بل ۾ 20، 20 اي، 29 اي، 30 بي، 39 اي جي نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آهي. بل جي مُنڍ ۾ ترميمون ڪري عوام جي تفريح، تعليم ۽ معلومات جي دائري کي وسيع ڪيو ويو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا، تصديق ٿيل خبرن، معاشري ۾ تحمل جي فروغ جو مواد پنهنجي نشريات ۾ استعمال ڪندو. عمومي ترقي، توانائي، معاشي ترقي بابت مواد پڻ نشريات ۾ شامل ڪيو ويندو. ابتدائيه جي شق 5 ۾ ترميم ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ملازمن جي وقت سر پگهارن جي ادائيگي جو پابند ڪيو ويو آهي. وقت سر ادائيگي مان مراد اليڪٽرانڪ ميڊيا ملازمن کي ٻن مهينن جي اندر ڪئي ويندڙ ادائيگيون آهن. 20 اي جي نئين شق ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ملازمن جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي جڏهن ته 20 بي جي نئين شق ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيمرا ۽ شڪايت ڪائونسل جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي جي سمورن فيصلن، حڪمن جي پاسداري جو پابند بڻايو ويو آهي. پگهارن جي عدم ادائيگي تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهار لاڳاپيل اليڪٽرانڪ ميديا کي فراهم نه ڪيا ويندا. براڊ ڪاسٽ ميڊيا لائيسنس 20 سالن جي لاءِ ۽ ڊسٽري بيوشن لائيسنس 10 سالن جي عرصي جي لاءِ هوندو. نافذ العمل فيس ادا ڪرڻي پوندي پر ان ۾ ساليانو مجموعي تشهيري آمدني شامل نه هوندي. ڊس انفارميشن جي تشريح پڻ ترميم جي ذريعي بل ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ”ڊس انفارميشن“ مان مراد اها خبر آهي جيڪا قابل تصديق نه هجي، گمراهه ڪندڙ، هٿ ٺوڪي، ساز باز سان تيار ڪيل يا جعلي هجي. اهڙي خبر ”ڊس انفارميشن“ سڏرائيندي جيڪا ڪنهن ذاتي، سياسي يا مالي مفاد جي خاطر يا ڪنهن کي هراسان ڪرڻ جي لاءِ ڏني وئي هجي. لاڳاپيل شخص جو موقف وٺڻ کانسواءِ ڏنل خبر ”ڊس انفارميشن“ جي تعريف ۾ شامل هوندي. متاثر شخص جو موقف پڻ انهي نمايان انداز ۾ نشر ٿيندو يا ڪوريج ڏني ويندي جنهن طور ان جي خلاف ”ڊس انفارميشن“ کي ڏني وئي هوندي. بل موجب مس انفارميشن مان مراد اهو مواد آهي جيڪو ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ڪوڙو ثابت ٿئي يا غلطي سان نشر ٿي ويو هجي. آرٽيڪل 19 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ ايندڙ خلاف ورزي هن بل تحت ”سنگين خلاف ورزي“ تصور ٿيندي. سيڪشن 6 ۾ ترميم ڪري ميمبرن جو مقرر انگ ختم ڪري پيمرا ميمبرن جي مقرري جو اختيار صدر پاڪستان کي ڏنو ويو آهي. ضرورت جي وقت پيمرا چيئرمين جي سفارش ڪيل ميمبرن جي مقرري ٿيندي. اهي ميمبر نان ووٽنگ ۽ اعزازي طور تي ڪم ڪندا. پيمرا جي انهن ٻن ميمبرن مان هڪ براڊ ڪاسٽرز ۽ ٻيو پي ايف يو جي جو نمائندو هوندو. پيمرا جو اجلاس هاڻي وڊيو لنڪ ۽ سرڪيوليشن جي ذريعي پڻ منعقد ٿي سگهندو، پيمرا جا اختيار چيئرمين، ڪنهن ميمبر يا اٿارٽي جي آفيسر کي سونپيل هوندا. انهن اختيارن ۾ ڪيبل ٽي وي کانسواءِ ڪنهن براڊ ڪاسٽ ميڊيا يا ڊسٽري بيوشن جو لائيسنس ڏيڻ، منسوخ ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جو اختيار شامل نه هوندو. ٽي وي چينل جي ضابطي ڪار ۾ ”ڊس انفارميشن“ نشر نه ڪرڻ جي شرط شامل ڪئي وئي آهي. معمول جي پروگرام دوران اشتهار جو دورانيو 5 منٽ کان وڌيڪ نه هوندو. معمول جي پروگرام ۾ ٻن بريڪ دوران ڏيکاريا ويندڙ اشتهارن جو دورانيو 10 منٽن کان گهٽ نه هوندو. عوام الناس، ادارن ۽ ٻين شڪايتن جي ازالي جي لاءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ شڪايت ڪائونسلز ٺاهيون وينديون. شڪايت ڪائونسلز اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حڪومتي پاليسي، وقت سر پگهارن جي ادائيگي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائينديون. شڪايت ڪائونسلز اليڪٽرانڪ ميڊيا جي خلاف شڪايتن جي ٻڌڻي، پنهنجي راءِ ۽ سفارشون پيمرا کي موڪلينديون. شڪايت ڪائونسل هڪ چيئرمين ۽ 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو مدو ٻه سال هوندو. 29 اي جي نئين سيڪشن تحت سنگين خلاف ورزي تي 10 لک رپين کان هڪ ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لڳي سگهندو. پيمرا جي فيصلن جي خلاف لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهبي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں