اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرور?? صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون، ا??ان پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ هڪ اداري جي حيثيت سان مڪمل جانفشاني ۽ قلب ۽ روح سان ان مرحلي جي تڪميل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرايون ٿا. هو گرين پاڪستان انيشيٽو پاڪستان تحت غذائي تحفظ بابت رٿيل سيمينار کي خطاب ??ري رهيو هو. وزيراعظم ان تقريب جو خاص مهمان هو. جڏهن ??ه سيمينار ۾ وفاقي وزيرن، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهرن، ا??ليٰ عس??ري آفيسرن ۽ سڄي ملڪ مان آبادگارن جي وڏي انگ کان علاوه بين الاقوامي مهمانن، برطانيه، اٽل??، اسپين، چين، بحرين، قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ سفارتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان سڀ هتي پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسبز بنائڻ لاءِ جمع ٿيا آهيون، پاڪستان کي الله وڏين نعمتن سان نوازيو آه??، اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرور?? صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون. هن چيو ته الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ، الله جي رحمت مان صرف ڪافر مايوس ٿيندا آهن. مسلمانن لاءِ ٻه ئي حالتون آهن ??ڏهن مصيبت اچي ته صبر ??ري ٿو، جڏهن ??وشي ملي ته شڪر ادا ??ري ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کي ترقيءَ کان نٿي روڪي سگه??، انشاءَ الله اسان وٽ هر طرح جي صلاحيت موجود آهي جيڪو پاڪستان جي عروج تي وٺي وڃي سگهي ٿو. مسلمان لاءِ نااُميدي ڪفر آهي.