صدر پاران ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري سميت پنجن ڄڻن جي بي آءِ ايس پي جي بورڊ جي پرائيويٽ ميمبرن طور مقرري

image

اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ جي 5 پرائيويٽ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب ۽ بئريسٽر عائشه حق، ڊاڪٽر قيصر بنگالي، حارث گزدر ۽ ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري جي بطور پرائيويٽ ميمبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي. صدر مقررين جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ايڪٽ جي سيڪشن 5 ۽ 8 تحت ڏني.

مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania
متعلقہ مضامین
مزید خبریں